Surah 104 of 114
سُوْرَةُ الْهُمَزَةِ
Al-Humaza
The Traducer
1
(انھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي
2
جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين
3
ڀانئيندو آھي ته سندس مال سدائين رھندو
4
ھرگز ائين نه آھي ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس
5
۽ ڪنھن سمجھايئي ته حُطَمَه ڇا آھي؟
6
الله جي ٻاريل باھ آھي
7
جا دلين تي پھچندي
8
بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي
9
(جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا)