Surah 107 of 114
سُوْرَةُ الْمَاعُوْنِ
Al-Maa'un
Almsgiving
1
(اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي
2
پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي
3
۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي
4
پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي
5
جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن
6
اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن
7
۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن