Surah 109 of 114
سُوْرَةُ الْكَافِرُوْنَ
Al-Kaafiroon
The Disbelievers
1
(اي پيغمبر ڪافرن کي) چؤ ته اي ڪافرؤ
2
نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھين عبادت ڪندا آھيو
3
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھن جي آءٌ عبادت ڪندو آھيان
4
۽ نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھان عبادت ڪئي
5
۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھنجي آءٌ عبادت ڪندو آھيان
6
اوھان لاءِ اوھان جو دين ۽ مون لاءِ منھنجو دين آھي