Surah 111 of 114
سُوْرَةُ المَسَدِ
Al-Masad
The Palm Fibre
1
ابولھب جا ھٿ ڀڳا ۽ (پاڻ به) ھلاڪ ٿيو
2
سندس مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنھن کانئس (الله جو عذاب) نه ٽاريو
3
ڇيئي واري باھ ۾ سگھو پوندو
4
۽ سندس زال به، جا ڪاٺين (جي) لَڏ کڻندڙ آھي
5
جنھن جي ڳچيءَ ۾ کاٻر جو نوڙ پيل آھي