Surah 114 of 114
سُوْرَةُ النَّاسِ
An-Naas
Mankind
1
(اي پيغمبر) چؤ ته ماڻھن جي پالڻھار جي پناه گھران ٿو
2
ماڻھن جي بادشاھ جي
3
ماڻھن جي (سچي) معبود جي
4
پٺ تي ھٽي ويندڙ (شيطان) جي وَسَوَسن جي بڇڙائي کان
5
جيڪي ماڻھن جي سينن ۾ وَسَوَسو وجھي ٿو
6
جو جنن (جي جنس) مان ھجي يا ماڻھن (جي جنس) مان