Surah 84 of 114
سُوْرَةُ الاِنْشِقَاقِ
Al-Inshiqaaq
The Splitting Open
جڏھن آسمان ڦاٽندو
۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس
۽ جڏھن زمين پکيڙبي
۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي
۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس
اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين
پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو
تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو
۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو
۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو
سو سگھوئي موت کي سڏيندو
۽ دوزخ ۾ گھڙندو
ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو
بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو
ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي
پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو
۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس
۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي
ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ
پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن
۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن
بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن
۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي
پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي