Surah 97 of 114
سُوْرَةُ الْقَدْرِ
Al-Qadr
The Power, Fate
1
بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو
2
۽ ڪنھن سمجھايئي ته شب قدر ڇا آھي
3
شب قدر، ھزار مھينن کان ڀلي آھي
4
منجھس ملائڪ ۽ رُوح پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان سڀڪنھن ڪم (جي پورائي) لاءِ لھندا آھن
5
اُنھيءَ رات پرھ ڦُٽڻ تائين سلامتي آھي