Surah 1 of 114
سُوْرَةُ الْفَاتِحَةِ
Al-Faatiha
The Opening
1
الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع)
2
سڀ ساراھ (خاص) جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي
3
(جو) ٻاجھارو مھربان
4
قيامت جي ڏينھن جو مالڪ (آھي)
5
تنھنجي ئي عبادت ڪيون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا
6
اسان کي سڌي واٽ ڏيکار
7
جا انھن جي واٽ آھي جن تي فضل ڪيو اٿئي، نه انھن جي (واٽ) جن تي (تنھنجو) ڏمر ٿيل آھي ۽ نه گمراھن جي (واٽ)