Surah 102 of 114
سُوْرَةُ التَّكَاثُرِ
At-Takaathur
Competition
1
(اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي (تي مرڪڻ) اوھان کي ويسلو ڪيو
2
تان جو قبرن کي ڏٺوَ
3
ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندؤ
4
وري (چئون ٿا ته) سگھوئي ڄاڻندؤ
5
نه نه! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (ته ويسلو نه ويھو ھا)
6
قسم آھي ته ضرور دوزخ کي ڏسندؤ
7
وري به ان کي يقين واريءَ اک سان ضرور ڏسندؤ
8
وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو