Surah 101 of 114
سُوْرَةُ الْقَارِعَةِ
Al-Qaari'a
The Calamity
1
سخت ٺوڪيندڙ
2
(اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
3
۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
4
جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا
5
۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا
6
پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا
7
سو دلپسند گذران ۾ ھوندو
8
۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا
9
تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي
10
۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟
11
ھڪ ٻرندڙ باھ آھي