Surah 87 of 114
سُوْرَةُ الْاَعْلٰي
Al-A'laa
The Most High
(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر
جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين
۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين
۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو
پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين
اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين
مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به)
۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين
پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر
جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو
۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو
جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو
وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو
بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو
۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو
بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو
۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي
بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي
جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن