Surah 88 of 114
سُوْرَةُ الْغَاشِيَةِ
Al-Ghaashiya
The Overwhelming
(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟
اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا
ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا
ٻرندڙ باھ ۾ پوندا
بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن
ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو
(جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو
ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا
پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا
مٿاھين بھشت ۾ ھوندا
اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين
اُتي چشما وھندڙ آھن
اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل
۽ آبخورا رکيل
۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل
۽ غاليچا وڇايل آھن
(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا
۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو
۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا
۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي
پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين
تون مٿن ڪو داروغو نه آھين
پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو
تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو
بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي
وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي