Surah 92 of 114
سُوْرَةُ الَّيْلِ
Al-Lail
The Night
رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو
۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي
ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي
پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي
۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين
تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين
۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين
۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين
تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين
۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو
بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي
۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن
پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي
(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو
جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو
۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو
جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي
۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي
پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو)
۽ ضرور جلد خوش ٿيندو