Surah 93 of 114
سُوْرَةُ الضُّحٰي
Ad-Dhuhaa
The Morning Hours
1
مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي
2
۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي
3
ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو
4
۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي
5
۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين
6
توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين
7
۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين
8
۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين
9
تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر
10
۽ سُوالي کي نه جھڻڪ
11
۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ