Surah 95 of 114
سُوْرَةُ التِّيْنِ
At-Tin
The Fig
1
انجير ۽ زيتون جو قسم آھي
2
۽ طُور سينا جو
3
۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو
4
ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون
5
وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس
6
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي
7
پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟
8
حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟