Surah 94 of 114
سُوْرَةُ الشَّرْحِ
Ash-Sharh
The Consolation
1
(اي پيغمبر) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟
2
۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون
3
جنھن تنھنجي پٺي کي ڳرو ڪيو ھو
4
۽ تنھنجي ساراھ تولاءِ مٿاھين ڪئي سون
5
ڇوته بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي
6
بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي
7
تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين ته (عبادت لاءِ) محنت ڪر
8
۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ