Surah 99 of 114
سُوْرَةُ الزِّلْزَالِ
Az-Zalzala
The Earthquake
1
جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي
2
۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي
3
۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي
4
اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي
5
ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو
6
اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن
7
پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو
8
۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو