Surah 100 of 114
سُوْرَةُ العٰدِيٰتِ
Al-Aadiyaat
The Chargers
1
ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي
2
پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي
3
پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي
4
جو اُن مھل رئي اُٿارين
5
پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون
6
ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي
7
۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي
8
۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي
9
(اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن
10
۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو
11
بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي